Thursday, October 25, 2018

سفر نامو

 "گھر کان يونيورسٽي تائين"
اک کلي تي ڪلمو پڙھي ويھاڻي ھيٺان موبائل کڻي ڏٺم تہ صبح جا 7 ٿيا ھئا، جلدي سان چادر پري ڪري اٿي غسل خاني طرف رخ ڪيو ۽ وھنجي ٻاھر آيس تہ امڙ اڳيئي ناشتو ٽيبل تي رکيو ھو مان پينٽ ۽ گنجي سان ھئس ۽ ناشتو ڪرڻ  سان گڏ شرٽ بہ پائي رھيو ھيس پوءِ وارن کي ھيئر جيل ھئين ۽ وار سيٽ ڪيا ۽ چانھ جو ڪپ کڻي ٻاھر ورانڊي ۾ آيس ۽ چانھ پيئڻ سان گڏوگڏ بوٽ بہ پائڻ لڳس ۽ گھر وارن کي خدا  حافظ چئي  ڪلھي ۾ ٿيلھو اٽڪائي پنهنجي ڀاءُ سيف الله سان گڏ موٽر سائيڪل تي چڙھي پيس ۽ ڪراچي يونيورسٽي ڏانهن روانا ٿياسين جتان جا اسين ٻئي شاگرد آھيون،
گھر کان ٿورو اڳتي مس ھليا سين تہ اسان جي علائقي جي گرائونڊ تي بازار لڳل ھئي ۽  ھر طرف پٺاڻن جون سوزوڪيون بيٺل هيون اتان اسين جيئن تيئن ڪري نڪري آياسي ۽ علائقي جي مين روڊ تي آياسين جيڪو  رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي نالي سان آھي، روڊ تي ڪيتريون ئي اسڪول وين ويندي ڏٺم جنھن تي ڪيترائي ٻار سوڙھ ۾ ويٺا هئا ۽ ڪيترائي وزني ٿيلھن سان لٽڪندي وڃي رھيا ھئا سوچان پيو تہ اِھا اسڪول انتظاميہ جي غلطي آھي يا گھر وارن جي غفلت ۽ اسڪول انتظاميہ تي انڌو اعتماد ڇاڪاڻ تہ ڪڏھن بہ ڪو بہ  ٻار ننڍڙي غلطي سبب اتان ڪري سگهي پيو ۽ جاني نقصان ٿي سگهي پيو، خير اڳتي ھليا سي تہ نائي، سبزين وارا، ميڊيڪل اسٽور، موبائيل شاپ کلڻ شروع ٿيا ۽ ھر ڪو پنهنجي روزي سان لڳي ويو ان وقت صبح جا اٺ ٿي رھيا ھئا ۽ اسان بہ سچل گيٽ مان نڪري سپارڪو روڊ تي نڪتاسين جتي ڪيترائي ماڻهون پنهنجي منزلن تي وڃڻ لاءِ بسن ۽ رڪشن جي اچڻ جو انتظار ڪري رھيا ھئا، اڳتي وڌياسين تي  ڍائو هسپتال(Dow Hospital ) ڏٺي جتي ٻاھر مريض ۽ انھن جا پنھنجا هسپتال وڃي رھيا ھئا ۽ ڪجھ هسپتال جي ٻاھران پريشان ويٺل هئا سمجھان پيو تہ اھي مريضن سان آيل ھن جيڪي پنهنجن لاءِ پريشان ويٺا ھئا انھن کي ڏسي مون کي پنهنجن مٽن مائٽن جون بيماريون، سور ۽ ڏک درد ياد اچي ويا ۽ دل افسرده ٿي وئي.
ٿورو اڳتي ھلياسين تہ آغا خانين جي اپارٽمينٽس ڏانهن ڪجھ نوجوان  خوبصورت ڇوڪريون ايندي ڏٺم ۽ منهنجو ڌيان بہ تبديل ٿي ويو ۽ انھن کي ڏسڻ سان ئي مونکي يڪدم ھڪ ڳالھ ياد آئي جيڪا مون کي دوست ٻڌائي هئي تہ آغا خانين جو روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان جڏھن پنهنجي ڪمري کان نڪرندو آھي تہ ڇوڪريون پنهنجي مٿي جا وار ھيٺ وڇائي ڇڏينديون آھن ۽ پرنس ڪريم انھن جي مٿان پيو گھمندو آھي،  واللہ عالم اھا ڳالھ سچ يا ڪوڙ پر مون کي الائي ڇو آغا خاني ڇوڪرين کي ڏسي اھا ڳالھ ياد ايندي آھي.
اسين سپارڪو روڊ کان نڪري اڃان يونيورسٽي روڊ تي چڙھيا سي تہ ھڪ رينجرز جي اهلڪار اسان کي ھٿ ڏئي روڪيو ۽ مون واري ڀاءُ بہ جلدي سان بريڪ ھڻي بائيڪ بيھاري ڇاڪاڻ تہ انھن جي ڳالھ نہ مڃڻ وارن لاءِ چڳا ڀلا موچڙا آھن ۽ انھن جو خوف ھر عام ۽ خاص ماڻهو جي دل ۾ ويٺل آھي بهرحال ھن اسان کي پنجابي لھجي ۾ اين آئي سي (NIC) ڏيکارڻ لاءِ چيو تہ "اين اي سي  (N.A.C) دکاوُ" سو اسان بہ ھن کي پنھنجا شناختي ڪارڊ ڏيکاريا ۽ پوءِ ڪارڊ واپس ڪندي چيائين تہ "جائو" سو اسان بہ نڪتا سين ۽ اھو ئي سوچيندو پيو وڃان تہ سنڌ صوبي جا ماڻهو کٽي ويا ھئا جو پنجابين کي سنڌ رينجرز ۾ ڀرتي ڪري انھن کي اسان تي مسلط ڪيو ويو خير ٿيئڻو اھو ئي ھوندو جيڪو حڪومت ۽ فوج چاھيندي اھو چئي مان پاڻ کي تسلي ڏني ۽ رستي تي ويندڙ ڪيترن ئي معصوم ٻارن کي ڏسندو پيو ھلان اسان بہ آھستہ آھستہ اڳتي پيا وڌون ڇاڪاڻ جو ٽريفڪ جام ھئي ۽ وقت بہ صبح جو ھو سڀني کي اسڪول، ڪالج، يونيورسٽي، دفتر وڃڻو ھو تنھن ڪري آهستي آهستي اڳتي پيا وڌون، اسان جي پاسي کان ھڪ گاڏي بہ ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ھئي منهنجي نظر گاڏي جي پوئين سيٽ تي پئي جتي ھڪ ڇوڪرو اسڪول يونيفارم ۾ ويٺل ھو ۽ ڪجھ  پڙھي رھيو ھو ۽ انتهائي پريشان پئي نظر آيو سمجھان پيو تہ امتحان اٿس ۽ پھريان دل لڳائي پڙھي ھا تہ ائين امتحان کان ڪجھ گهڙيون اڳ ايترو پريشان ۽ رٽافڪيشن نہ ڪري ھا پر غلطي ھن جي بہ نہ ھئي اسان جي ملڪ جي اسڪولن جو نظام ئي ائين آھي سمجھائڻ تي گھٽ طوطي وانگر رٽرائڻ تي وڌيڪ ڌيان پيو ڏنو وڃي،خير ٽريفڪ جام ھئي ۽ منهنجي ڀاءُ جي ڪوشش هئي تہ ڪيئن بہ ڪري اڳتي وڌان سو ھو جيئن تيئن ڪري سروس روڊ تي نڪري آيو ۽ اتان ھلڻ لڳو ۽ انھي روڊ جي ھڪ پاسي کان ڪيتريون ئي نرسريون ھيون جتي وڻ ٻوٽا لڳل ھئا ۽ طرح طرح جا خوبصورت گل پڻ نظر آيا جيڪي صبح جي خوبصورتي کي اڃان وڌيڪ اڀارين پيا ۽ اھي دلڪش منظر ڏسڻ وٽان ھئا، پر ٿورو ئي اڳتي ھليا سي تہ ڳلڙن جيھڙا  ٻار پيرين اڳاڙي ڏٺم جيڪي ڪاٺيون کڻي پنھنجين جھونپڙن ڏانھن وڃي رھيا ھئا جنھن جي جسمن تي پورا ڪپڙا بہ نہ ھئا اھو سڀ ڏسي دل غمگين ٿي پئي ۽ ان جو ذميوار ڪڏھن معاشري کي تہ  ڪڏھن حڪومت کي پيو سمجھان، انھن جھونپڙين جي عين سامھون ئي اسان جي ڪراچي يونيورسٽي ھئي پوءِ روڊ ڪراس ڪري اسين يونيورسٽي جي گيٽ کان اندر آيا سين تہ ڏٺو تہ ڪيتريون ئي ڪراچي يونيورسٽي جون پوائنٽس بہ شاگردن کي کڻي اتي پھچي چڪيون ھيون اسين بہ پنهنجي ڊپارٽمينٽ وٽ پنهنجي چڪا ھئاسين سو منهنجي ڀاءُ بائيڪ پارڪنگ ايريا ۾ بيھاري ۽ گڏ پوءِ ڪلاس ۾ وياسين جتي انگريزي وارو استاد اڳيئي بيٺو ھو اسين ھن کان اندر اچڻ جي اجازت گھري ۽ سلام ڪري پنھنجي پنھنجي سيٽن تي ويھي رھياسين ٿوڙي دير ۾ ٻيا شاگرد بہ پھنچي ويا ان وقت پورا 8:30 ٿيا ھئا پر اسان جي استاد هميشه وانگر اسان جي ڊپارٽمينٽ جي خلاف چيو تہ 'سنڌي ڊپارٽمينٽ نالائق ڊپارٽمينٽ ھي ڪوئي ٽائم پر نھين آتا' حالانڪہ ڪلاس جو وقت اڃان ان وقت شروع ٿيو ھو، ان استاد کي ڏسي مون کي پوئين سيميسٽر جي ميم دانشمند فاروقي ياد اچي وئي  جيڪا ڊپارٽمينٽ تہ ڇا پر سڀني سنڌين کي گھٽ وڌ ڳالھائيندي ھئي ايستائين جو موئلن کي بہ نہ بخشيندي ھئي ۽ سائين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جيھڙن عظيم ليڊرن کي بہ غلط پئي ڳالھائيندي ھئي پر اسان جي ڊپارٽمينٽ جي انتظاميا ۽ استادن اسان کي اڳ ۾ ئي  چئي ڇڏيو ھو تہ ھو ڪجھ بہ چوي توھان کي جواب ناھي ڏيئڻو تنهن ڪري اسان بہ ھن جون ڳالھيون چپ ڪري پيا ٻڌندا ھئاسين پر اندر ۾ الاھي پيا سڙندا ھئاسين بھرحال اسين انگريزي جي ڪلاس ورتي استاد جو ليڪچر بہ غور سان ٻڌو ائين 9:10 ٿي چڪا ھئا ۽ ھاڻي اسان کي سنڌي جي ڪلاس ۾ وڃڻو ھو جنھن جو استاد سائين شير محمد ھو سائين کي هميشہ ڪلاس ۾ ڳالھائڻ ۽ اوٻاسي ڏيڻ کان سخت نفرت آهي تنھن ڪري اسين ڪلاس ۾ ويندي ئي  سائين شير جي اچڻ کان اڳ اسان سڀئي دوست پاڻ ۾ گرم جوشي سان مليا سي جئين سستي ۽ ٿڪُ دور ٿئي ۽ پاڻ کي ايڪٽيوِ رکون ۽ ٿوري ئي دير ۾ استاد اچي ويو جنهن جو اسان سڀني پنھنجن سيٽُن  تان اٿي بيھي  استقبال ۽ سلام  ڪيو جنهن جو جواب سائين ڏيندي چيو تہ ويھي رھو ۽ سائين پاڻ اڳيان ڊائس تي اچي بيھي رھيو، سائين شير صاحب نهايت ئي قابل احترام شاگردن جو دوست ۽ همدرد آھي اھو ئي سبب آھي جو ھو سنڌي ڊپارٽمينٽ جو اسٽوڊنٽ ايڊوازر پڻ آھي ان جي گفتگو مان ادب جا موتي پيا ڇڙھندا آھن ۽ ليڪچر مان علم جو ذخيرو پڻ مھيا ٿيندو آھي ھن جو لطيفيات تي ڏنل  ھڪ درس يا ليڪچر ڪوئي ٻڌندو تہ سٺي نموني سان شاھ سائين جي فڪر سوچ ۽ ان جي شاعري کي سمجھي ويندو، ھو هميشه ٻين کي پنهنجون صلاحيتون ظاهر ڪرڻ جو موقعو ڏيندو رھندو آھي ۽ ھن جي سوچ حقيقت پسندانہ آھي ۽ هميشہ ٻين جي عزت ڪندو آھي اھو مان ان ڪري چئي رهيو آھيان ڇاڪاڻ جو مان سائين کي يونيورسٽي ۾ نہ پر ڪافي عرصو اڳ کان سڃاڻيندو آھيان ۽ انھن سان اسان جا فيملي ٽرمز پڻ آھن. بھرحال سائين جي ڪلاس اڃان ھلي پئي تہ ھڪ ڇوڪري اوٻاسي ڏني ۽ سائين شير ان تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو تہ اوٻاسي ننڊ ۽ عدم دلچسپي جي علامت آھي اڃان سائين ان موضوع تي ڳالھائي پيو تہ ھڪ ٻي ڇوڪري اوٻاسي ڏني جنھن تي سائين ڪاوڙجي پيو ۽ ڪلاس ڇڏي ھليو ويو پوءِ تہ اسان بہ انهن ڇوڪرن کي گهڻو ئي چيو ۽ انھن بہ غلطي جو اعتراف ڪندي  اھو عزم ڪيو تہ ھاڻي اھا غلطي نہ ڪندا سين خير ائين ڪندي سائين جي ڪلاس جو بہ وقت ختم ٿيو ۽ پوءِ مان ۽ منهنجا ڪجھ دوست انٽرنيشنل رليشن آئي آر جي ڪلاس وٺڻ لاءِ ويا سين جنهن جو استاد سائين ياسر لاشاري آھي ھو رڳو پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ شخص آھي ھو ڪنھن جي مسئلي يا ڳالھ ۾ نہ پوندو آهي، اڄ سائين اسان کي نيوڪليئر پاور تي ليڪچر ڏنو ۽ ٻڌايائين تہ ان جي ابتدا آمريڪا کان ٿي آئي آر جي ڪلاس کان پوءِ اسين سوشالاجي جي ڪلاس ورتي جنهن جو استاد محسن خان آھي ھو هميشه پنهنجن ڪمن ۾ مصروف رھندو آھي تنهن ڪري ھو مھيني ۾ ٻہ يا ٽي ڪلاسون مشڪل سان وٺندو آھي ھو هميشه سنڌي ۽ مھاجر جي ڳالھ ڪندو آھي هميشه سنڌ مخالف ۽ مهاجرن جي حق ۾ ڳالھ ڪندو آھي ائين لڳندو آھي تہ ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي ان جي اک ۾ ڪنڍو آھن خير ان ڏينهن ھو ڪلاس ۾ آيو تہ اسين شڪر ادا ڪيو تہ اڄ اسين پڙھنداسين پر ھو اھو چئي  ھلي ويو تہ اندروني سنڌ مان آيل ٻارن کان 5 گنا وڌيڪ فيس ورتي وڃي ۽ پوءِ چيائين تہ اڄ کان پوءِ رڳو جمعي واري ڏينهن ڪلاس ٿيندي ۽ پوءِ ھو ڪلاس ڇڏي ھليو ويو ان وقت منجھند جو ھڪ ٿيو ھو ۽ مان پي.جي ڪينٽين طرف رک ڪيو جتي ڪافي دوست اڳيئي ويٺا ھئا پوءِ برياني جو آرڊر ڪيو ۽ سڀني دوستن برياني کاڌي تنهن کان پوءِ کل ڀوڳ شروع ٿي وئي ۽ ائين منجهند جا 2 ٿي ويا ۽ خبر ئي نہ پئي ۽ جڏھن وقت جو اندازو ٿيو تہ مان دوستن کان موڪلائي خدا حافظ چئي اتان اٿيس ۽ پنڌ ئي پنڌ يونيورسٽي جي گيٽ ڏانهن وڌندو پيو وڃان ڇاڪاڻ جو منھنجي ڀاءُ سيف کي ڪيڏانهن وڃڻو ھو سو مان پنڌ پنڌ يونيورسٽي جي گيٽ تي اچي پھتس گرمي بہ الاهي ھئي،  يونيورسٽي روڊ تي بيھي بس جو انتظار ڪرڻ لڳس پر بس اڃان تائين ڪونہ آئي ھئي پوءِ مون کي بہ اڄ جو احساس ٿيو ۽ پوءِ مان روڊ جي ڀرسان بيٺل شخص جيڪو ريڙھي تي ليمي جو پاڻي ۽ مشروبات کپائي رهيو ھو ان کي ڏھ رپيا ڏيندي چيم تہ "ڇوٽا گلاس ليمون پاني" عام طور تي انهن مشروبات کي غير معياري ۽ بيمارين جو ڪارڻ سڏيو ويندو آھي ڇاڪاڻ جو  بيمار ماڻهو بہ انهيءَ گلاسن ۾ پيئي ٿو تہ خوش چاڪ چڳو ڀلو بہ انهيءَ ۾ تنھن ڪري ھڪ ماڻھو جا جيوڙا ٻئي ماڻهو تائين منتقل ٿئين ٿا پر مون کي شدت سان اڃ لڳي هئي تنهن ڪري ليمون پاڻي پيتس ۽ گلاس ان جي ريڙھي تي رکي هيٺ روڊ تي لٿس تہ سامهون کان G7 بس ايندي نظر آئي پوءِ مان ھن کي ھٿ ڏئي روڪيو ۽ ان تي چڙھي سيٽ تي وڃي ويٺس تہ بس جو ڪنڊڪٽر آيو جنهن جو وات گٽڪي سان ڀريو پيو ھو تنھن پنهنجو منھن مٿي ڪري چچريل آواز ۾ چيو تہ "ڪھان جانا ھي" آئون پنهنجي ٿيلھي مان 100 رپيا ڪڍي ھن کي ڏنا ۽ چيو سچل، ھن 20 رپيا ڪٽي 80 رپيا واپس ڏنا چيو مانس ڪرايا ڪب سي بڙھ گيا؟ وات مٿي ڪري چيائين آج سي ڇاڪاڻ جو هونئن يونيورسٽي کان سچل ڳوٺ تائين جو ڪرايو 10 رپيا ھوندو ھو، ھو ٿورو اڳتي ويو ٻين کان پيسا وٺڻ پر سڀني جو اھو سوال ھيس تہ ڪرايو وڌيڪ ڇو پيو وٺين؟ ھڪ پيرسن همراه تہ جذباتي ٿي ويو ۽ گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳس پوءِ  ڪنڊڪٽر بس جي دروازي کان ٻاھر گٽڪي جي پچڪاري ھئين ۽ پوءِ چوڻ لڳو تہ ان ۾ اسان جو قصور ناھي سرڪار سي اين جي مھانگي ڪئي آ اسان ڪيڏانهن وڃون؟ پوءِ بہ مسافر ۽ ڪنڊڪٽر جي وچ ۾ لفظن جي ڏي وٺ ٿي پر پوءِ ڪنڊڪٽر سڀني کي نظرانداز ڪندي بس جي دروازي تي بيھي تيز آواز ۾ ھوڪا ڏيندي چوندو رهيو "سچل بلاول ايوب گوٺ موسمیات موسمیات" خير ائين گاڏين ۽ ماڻهن جي شورشرابي ۾ سفر ٿيندو رھيو ۽ آخر سچل ڳوٺ جي مين گيٽ تي منهنجي نظر پئي ۽ آئون بس جي دروازي تي  زور سان هٿ ھيون ۽ ڊرائيور بس روڪي آئون لٿس ۽ گھر ڏانهن ھلندو ويس، گھر اچي سڀني کي بلند آواز ۾ السلام عليڪم چيم ۽ بوٽ لاھيندي ڀيڻ کي آواز ڏيندي چيم تہ پاڻي کڻي اچ، پاڻي پيئڻ کان پوءِ واشروم ڏانهن ويس ۽ ھٿ منھن ڌوئي سمھي پيس پوءِ اٿيس تہ شام جا 5 ٿيا هئا ۽ پنهنجي موبائل کڻي رائٽر ايپليڪيشن کولي ۽ اڄ جيڪو مون ڏٺو ڪيو سوچيو محسوس ڪيو آھو سڀ لکڻ لڳم جنهن کي عام طور تي سفر نامو چئجي ٿو اھيو آئون لکي رهيو ھيس تہ مون کي الطاف شيخ ياد اچي ويو جيڪو  اسان جي اسڪول ۾ آيو ھو جڏي مان ڇھين درجي ۾ ھئس ۽ ان اسان کي پنهنجو لکيل سفر نامو ٻڌايو ھو ۽ آئون ھن کان آٽوگراف پڻ ورتو ھو خير آئون پنهنجي زندگيءَ جو پهريون سفر نامو لکي رهيو ھئس جيڪو هاڻي آئون مڪمل ڪري چڪو آھيان ٻيو مڙوئي خير....!!

- عقيل الرحمٰن عيساني سومرو

6 comments: